انور ڪاڪا

انور ڪاڪا

انور ڪاڪا

انور ڪاڪا: شاعر ۽ ڪھاڻيڪار انور ڪاڪا جو پورو نالو انور الدين ولد ميھار ڪاڪا آهي، سندس جنم 12 جون 1978ع تي ڳوٺ بيگو ڪاڪا، نيو سعيد آباد، ضلعي مٽياري ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم. اي (سنڌي)، ايم. اي (اردو) ۽ ايم فل آهي. شاگردي واري دؤر کان ئي ادب ڏانھن سندس لاڙو رهيو. نظم توڙي نثر ۾ چڱي مڃتا ماڻي آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”ٻارڙن جو حاڪم محمد سعيد“ (2003ع)، ”سيلاني سعيد هڪ ڀيرو ٻيھر لنڊن ۾“ (2003ع)، ”دوزخ جي ڇانوَ ۾“ (ڪھاڻيون: 2004ع)، ”وصيت نامو“ (نثري نظم: 2013ع)، ”نڙيءَ ۾ اٽڪيل سج“ (ڪھاڻيون: 2015ع)، ”آليءَ واري تي بارش“ (نثري نظم: 2017ع) ۽ ”خالي هٿ“ (ڪھاڻيون: 2018ع) شامل آهن. هي هن وقت ڪراچي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.


لفظ انور ڪاڪاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1978.06.12  عيسوي

شاعر ۽ ڪھاڻيڪار انور ڪاڪا جو پورو نالو انور الدين ولد ميھار ڪاڪا آهي، سندس جنم 12 جون 1978ع تي ڳوٺ بيگو ڪاڪا، نيو سعيد آباد، ضلعي مٽياري ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پنائي مبين
بشير سيتائي
خليفو محمود نظاماڻي
زين العابدين ٺٽوي سيد
راض محمد خان عاشق
انور علي شاهه
پلي طالب
اسير امتياز
بچل
محبوب سنڌي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون